پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي چونڊ تڪ ۾ ايڊز جي وبا ڦهلجي وئي

news

لاڙڪاڻو: اربع 24 اپريل 2019ع: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي چونڊ تڪ ۾ ايڊز جو موذي مرض ڦهلجي ويو آهي. رتوديرو ۾ هڪ مهيني ۾ 15 ٻارن جا سيمپل ايڇ آءِ وي ايڊز جي سڃاڻپ لاءِ موڪليا ويا آهن، پيپلز پرائمري هيلٿ ڪيئر انسٽيٽيوٽ سينٽر ليب جيڪب آباد مان 5 ٻارن ۾ ايڊز وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته ٻين 10 ٻارڙن جي رپورت اچڻ جو انتظار آهي.

ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آءِ ڊاڪٽر صلاح الدين ناريجو جو چوڻ آهي ته جن ٻارن ۾ ايڊز جو وائرس مثبت آيو آهي انهن جي عمر 8 مهينن کان 8 سالن تائين جي آهي.

ايڇ آءِ وي سينٽر لاڙڪاڻي جي انچارج ڊاڪٽر هولا رام جو چوڻ آهي ته پوري پاڪستان ۾ ڪراچي کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ ايڊز جا مريض لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ملن ٿا، پوري شهر ۾ ايڊز جي رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 2400 کان وڌيڪ آهي.

ايڊز جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم جي دعويٰ آهي ته غير رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 15 هزار کان وڌيڪ آهي.

تعلقي اسپتال رتوديرو ۾ ٻارن جو ماهر ڊاڪٽر ۽ وارڊ موجود ناهي ۽ تعلقي اسپتال ۾ قائم ليبارٽري ۾ ايڇ آءِ وي ٽيسٽ جي حوالي سان ڪٽ به موجود ناهي.