جڙانوالا: ٻڌڻي دوران ڪاوڙ ۾ اچي وڪيل جج جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو

news

فيصل آباد: جڙانوالا ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيل ڪرسي هڻي جج جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو. رپورٽ موجب جڙانوالا ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران بحث جاري هئي ته معمولي گرما گرمي تي عدالت جي ڪمري اندر ئي وڪيل ڪرسي هڻي جج جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو. جڏهن ته وڪيل جي اهڙي رويي خلاف ججن پاران هڙتال ڪندي سمورن ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون آهن. جج سان بدتميزي ڪندڙ وڪيل جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان ڇاپا هنيا پيا وڃن. جڏهن ته ايڊووڪيٽ عمران منج جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ سينئر سول جج ميڊيڪو ليگل به حاصل ڪري ورتي آهي.

ججن جي هڙتال سبب ٻڌڻي تي ايندڙن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته ججن جو مطالبو آهي ته فوري طور تي مذڪوره وڪيل کي گرفتار ڪيو وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ به ويهه فيبروري تي لاهور جي مقامي عدالت ۾ فيصلو واپس نه وٺڻ تي جج سان بدتميزي ڪندي سندس گريبان مان جهليو ويو هو. جوڊيشل ميجسٽريٽ حامدالرحمان ناصر جي اسٽينو گرافر جي طرفان جج سان بدتميزي ڪئي وئي هئي.  جنهن خلاف  وڪيل ميان ذيشان ۽ سندس ٻين ساٿين جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو هو.

  جج فيصلو لکڻ کان پوءِ جيئن ئي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر نڪتو ته وڪيل ميان ذيشان پنهنجي ساٿين سان گڏ جج جو رستو روڪي بيهي رهيو ۽ کيس فيصلو واپس وٺڻ جو چيو. جج حامدالرحمان ناصر وڪيل کي ٻڌايو ته فيصلي تي صحيح ٿي چڪي آهي. اوهان کي فيصلو چيلنج ڪرڻ جو اختيار آهي اوهان قانوني طريقو استعمال ڪريو جنهن تي  وڪيل ميان ذيشان ڪاوڙ ۾ اچي جج کي گريبان مان جهليو ۽ کيس ڌمڪيون ڏنيون هيون.