پشاور: ٽانڪ مان اسسٽنٽ ڪليڪٽر انڪم ٽيڪس سميت چار ڄڻا اغوا

news

ٽانڪ: (خميس 25 اپريل 2019ع) ڳوٺ مرتضي مان اسسٽنٽ ڪليڪٽر انڪم ٽيڪس سميت چئن ڄڻن کي  اغوا ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين موجب اسسٽنٽ ڪليڪٽر انڪم ٽيڪس رياض خان  پنهنجي ماءُ جي فوت ٿيڻ تي پشاور کان ڳوٺ مرتضيٰ ويو هو  جتان کيس چئن ڄڻن سميت اغوا ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته رياض خان سان گڏ اغوا ٿيندڙ ٻيا مغوي به سرڪاري اهلڪار آهن. واقعي جو ڪيس نامعلوم ماڻهن جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب  چئني ڄڻن کي مين روڊ تان اغوا ڪيو ويو آهي.