بلوچستان جي ضلعي چمن ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ، عورت قتل

news

ڪوئيٽا: (خميس 25 اپريل 2019ع)  بلوچستان جي ضلعي چمن ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ ۾ هڪ عورت پوليو ورڪر قتل ٿي وئي آهي. پوليس موجب چمن جي علائقي سلطان زئي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٻن حملي آورن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پنجٽيهه ورهين جي عورت پوليو ورڪر نسرين مارجي وئي. جڏهن ته چوويهه ورهين جي راشده زخمي ٿي پئي. زخمي پوليو ورڪر کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ ڪوئيته اسپتال موڪليو ويو آهي. 

اسسٽنٽ ڪمشنر ٻڌايو ته مارجي ويل عورت جو لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر موجب واقعي بعد سلطان زئي جي علائقي ۾ پوليو مهم عارضي طور تي معطل ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

ٻئي طرف سنڌ جي ضلعي جي نوشهروفيروز جي علائقي شاهي بازار ۾ هڪ شخص ٻارڙن کي پوليو جا قطرا  پيارڻ کان انڪار ڪري ٽيم کي گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. پوليو ٽيم اهڙي شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ جڏهن ٿاڻي تي پهتي ته شهري ۽ ان جي ساٿين ٽيم جي ڊرائيور تي تشدد به ڪيو جنهن کان پوءِ پوليو ورڪرن جوابدارن جي گرفتاري ۽ تحفظ جي فراهمي تائين پوليو مهم هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.