اڏيرو لال وليج ۾ حيسڪو ٽنڊوآدم جي نااهلي سبب بجلي جون تارون ڪري پيون، شهرين جو احتجاج

news

اڏيرو لال اسٽيشن: خميس 25 اپريل 2019ع:اڏيرو لال وليج شهر وٽان گذرندڙ بجلي جون 11 هزار وولٽيج جون تارون زمين تي ڪري پيون، شهري معجزاڻي طور محفوظ، شهرين شاهه محمد عمراڻي، مارڪ علي راجپوت، وجي ڪمار ۽ شوڪت پنهور جي اڳواڻي ۾ ايس ڊي او حيسڪو ٽنڊوآدم خلاف احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته  شهر ۾ 11 هزار بجلي جون تارون ڪري پيون آهن پر حيسڪو انتظاميا  ٽنڊو آدم ۽ ايس ڊي او ٽنڊو آدم کي اطلاح ڏيڻ باوجود تارون نه لڳايون ويون آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته گذريل 2 ڏينهن کان شهر سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي بند آهي، هنن الزام هنيو ته ايس ڊي او حيسڪو ٽنڊوآدم بجلي جون تارون لڳائڻ لاءِ رشوت طلب ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته شهر مان گذرندڙ بجلي جون تارون هنڌا هنڌا ٽٽي پيا آهن پر حيسڪو ٽنڊوآدم ڪنن تي جونَ به نه ٿي چري.

هنن چيو ته اسان وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ حيسڪو چيف حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪيون ته ايس ڊي او ۽ حيسڪو ٽنڊوآدم خلاف ڪارروائي ڪري اڏيرو لال وليج شهر ۾ ڪريل بجلي جون تارون جلد لڳايا وڃن، ٻي صورت ۾ بجلي جي تارن مان جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ته اسان حيسڪو چيف حيدرآباد خلاف ڪيس داخل ڪنداسين.01