ڊبليو ايڇ او جي وارننگ: کير پياڪ ٻارن کي ٽي وي نه ڏيکاريو

news

اسلام آباد: خميس 25 اپريل 2019: گڏيل قومن جي ذيلي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) خبردار ڪيو آهي ته هڪ سالن کان گهٽ عمر جي کير پياڪ ٻارن کي ٽيليويزن ڪنهن به صورت ۾ نه ڏيکارڻ گهرجي.

ڊبليو ايڇ او هن سان گڏ اهو به واضح ڪيو آهي ته پنج سال کان گهٽ عمر جي ٻارن جي لاءِ ٽي وي ڏسڻ جو وقت هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ روزانو نه هئڻ گهرجي.

گڏيل قومن جي ذيلي اداري پنهنجي نوعيت جي هي هدايت پهرين دفعو جاري ڪئي آهي. آمريڪا ۾ ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جي قومي اڪيڊمي پهرين ئي اها هدايت جاري ڪري چڪو آهي.

ڊبليو ايڇ او جي جاري ڪيل هدايت ۾ چيو ويو آهي ته پنجن سالن جي عمر تائين جي ٻارن کي گهٽ وقت ٽي وي ڏيکارڻ گهرجي. ان سان انهن جي اکين کي نه صرف فائدو ٿيندو پر ان جي ذهني، نفسياتي ۽ جسماني صحت به بهتر ٿيندي. 

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پنهنجي جاري ڪيل هدايت ۾ چيو آهي ته 18 مهينن جي گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ ڪا به اليڪٽرانڪ اسڪرين صحيح ناهي.

جاري ڪيل هدايت ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جا والدين خواهشمند آهن ته انهن جا ٻار ٽي وي يا ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ڪو معياري پروگرام ڏسن ته ان جو وقت به وڌيڪ نه هئڻ گهرجي.

گڏيل قومن جي ذيلي اداري هي هدايت به ڏني آهي ته ايئن ڪرڻ وقت والدين مان ڪو به ٻار سان گڏ ضرور گڏ هئڻ گهرجي، جيئن ٻارن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته هو ڇا ۽ ڇاجي لاءِ ڏسي رهيو آهي.

ڊبليو ايڇ او موجب هڪ سال کان وڌيڪ عمر جي ٻارن کي روزانو گهٽ ۾ گهٽ 3 ڪلاڪن تائين ڪنهن نه ڪنهن جسماني مصروفيت يا راند ۾ مشغول رکيو وڃي اهو انهن جي لاءِ تمام ضروري آهي.