قبر لاءِ جاءِ گهرجي ته ڀارت ماتا ڪي جي چوڻو پوندو: راج سنگهه

news

نئين دلي: جمعو 26 اپريل 2019ع: مسلمان دشمين ۾ سموريون حدون پار ڪندي ۽ پنهنجي ئي ملڪ جي آئين کي پائمال ڪندڙ ڀارتيه جنتا پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر ۽ بيگو سرائي کان بي جي پي جي چونڊ اميدوار گري راج سنگهه مسلمانن کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن قبر لاءِ جاءِ گهرجي ته انهن کي وندي ماترم ڳائڻو پوندو ۽ ڀارت ماتا ڪي جي چوڻو پوندو.

ڀارتي خابرو اداري موجب پنهنجي بيان بازي لاءِ مشهور بي جي پي جي پارليامينٽ ميمبر هڪ ڀيرو ٻيهر مسلمانن جي حوالي سان ڌمڪي ڏني آهي، هن بيگوسرائي ۾ منعقد هڪ چونڊ جلسي کي خطاب دوران اقليتي طبقي کي خبردار ڪيو ۽ ڌمڪي ڏئي ڇڏي.

ميڊيا موجب گري راج سنگهه جي ان خطاب تي سڀ کان وڌيڪ سخت رد عمل آر جي ڊي ليڊر ۽ بهار جي اڳوڻي نائب وڏي وزير تيجسوي ياديو ظاهر ڪيو آهي.