مصر: مقبري مان ٻارن، عورتن ۽ مردن سميت پنجٽيهه حنوط ٿيل لاش مليا

news

قاهره: جمعو 26 اپريل 2019ع: مصر جي ڏاکڻي علائقي اسون ۾ مقبري مان ٻارن، عورتن ۽ مردن سميت 35 حنوط ٿيل لاش مليا آهن.

دي گارجين ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب اٽالين پروفيسر جي سربراهي ۾ ماهرن درجين لاش هٿ ڪيا آهن، جن جي باري ۾ دعويٰ آهي ته هي مقبرو قدم يونان ۽ رومن يعني قبل مسيح 332 جي دور جو آهي.

ماهرن ٻڌايو آهي ته انهن کي 35 حنوط ٿيل لاش کان پهرين هڪ ننڍي ڪمري ۾ 4 لاش مليا هئا. ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته تابوت ۾ هڪ حنوط شده لاش مقبري جي مالڪ جي آهي، جنهن تي ان جو نالو ”ٽي جيٽ “ لکيو ويو آهي.

ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ٻين مليل شين مان ماسڪ، ڪارٽونيج ۽ مورتيون آهن.اٽالين پروفيسر پٽرازيا چيو آهي ته ”دريافت انتهائي اهم آهي ڇو ته ڄاڻايل دريافت سان اسون جي تاريخ ۾ مثبت اضافو ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ان کان پهرين مصر جي علائقي سوهگ جي مقبري مان 2 هزار سال پراڻي حنوط ٿيل مميون ۽ ڪيترائي ڪوئا دريافت ٿيا هئا.

جڏهن ته مليل ٻن ممين جي چوڌري حنوط ٿيل ڪوئن سميت ٻيا ننڍا جانور ترتيب سان رکيل هئا.