اتر وزيرستان ۾ چيڪ پوسٽ ويجهو ڌماڪو، ٽي ليويز اهلڪار شهيد

news

پشاور: (ڇنڇر 28 اپريل 2019ع)  اتر وزيرستان ۾ چيڪ پوسٽ ويجهو ڌماڪي ۾ ٽي ليويز اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. سرڪاري ذريعن موجب شمالي وزيرستان جي علائقي شيوا ۾ ليويز چيڪ پوسٽ ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ليويز اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.

ذريعن موجب بارودي  مواد چيڪ پوسٽ ويجهو لڳايو ويو هو. ڌماڪي ۾ شهيد اهلڪارن مان ٻن جي سڃاڻپ امير زمان ۽ عبدالولي جي نالي سان ٿي آهي.