وزيراعظم جي چيني صدر سان ملاقات، ٻطرفه لاڳاپن ۽ علائقائي امن تي ڳالهيون

news

بيجنگ: (آچر 28 اپريل 2019ع) وزيراعظم عمران خان سان چين جي صدر شي جن پنگ جي بيجنگ جي گريٽ هال ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ خطي جي استحڪام ۽ علائقائي امن امان تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. چين جي صدر شي جنگ پنگ گريٽ هال اچڻ تي وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو.

ان موقعي تي ٿيندڙ ملاقات جي دوران ٻنهي اڳواڻن علاقائي امن جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ريلوي وارو وزير شيخ رشيد ناڻي ۽ واپار جي صلاحڪارن به شرڪت ڪئي. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان چين جي چئن ڏينهن جي دوري تي بيجنگ ۾ موجود آهي جتي هن بيلٽ اينڊ روڊ فورم 2019 جي افتتاحي  تقريب کي خطاب ڪيو.

وزيراعظم عمران خان چين جي ميگا منصوبي(ون بيلٽ ون روڊ) سان عوام کي پهچندڙ فائدن بابت پنج نڪتا به پيش ڪيا جنهن ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون، سياحت کي هٿي ڏيڻ، ڪرپشن ۽ وائٽ ڪالر ڪرائمز جي خلاف گڏيل حڪمت عملي، غربت جي خاتمي جي لاءِ فنڊن جو استعمال ۽ واپار جي لاءِ ماحول بهتر بنائڻ جون ڪوششون به شامل آهن.