پاڪستان ۽ چين ۾ ريلوي جي معاهدي ايم ايل ون تي صحيحون

news

بيجنگ: (آچر 28 اپريل 2019ع) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ريلوي جي ٺاهه ايم ايل ون تي صحيحون ٿي ويون آهن جنهن تحت پشاور کان ڪراچي تائين ريلوي ٽريڪ ٻٽي ڪئي ويندي.  وزيراعظم عمران خان ۽ چيني هم منصب لي ڪي چيانگ معاهدي تي صحيحون ڪيون. 

نئين ٽريڪ تي ٽرين جي اسپيڊ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿيندي، ايم ايل ون منصوبو مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي کان پشاور تائين جي سفر ۾ گهٽتائي ٿيندي. ريلوي وزير وزير شيخ رشيد چيو ته 13 سال اڳ مان ئي ان رٿا جي فزيبلٽي تي صحيحون ڪيون هيون،

منصوبي تحت پشاور کان ڪراچي تائين ٻٽي ٽريڪ بڻائي ويندي جنهن سان ٽرين جي اسپيڊ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿي ويندي. وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ چين جي صدر شي جنگ پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان به ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ وفد جي سطح تي به ڳالهيون ٿيون.