گلگت بلتستان جي وڏي وزير سان اختلاف، واحد عورت وزير عهدي تان برطرف

news

گلگت بلتستان: آچر 28 اپريل 2019ع: گلگت بلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان سان اختلاف سامهون اچڻ کانپوءِ صوبائي ڪابينا ۾ شامل واحد عورت وزير ثوبيا مقدم کي وزارت تان برطرف ڪيو ويو.

ذريعن موجب عورت وزير جي گلگت بلتستان وڏي وزير سان ترقياتي منصوبن ۾ اپوزيشن پارٽين جي هڪ اسيمبلي ميمبر کي ترجيح ڏيڻ تي اختلاف پيدا ٿيا هئا.

ياد رهي ته ثوبيا مقدم عورتن جي خاص سيٽ تي ديامر ضلعي مان اسيمبلي ميمبر چونڊي هئي. ثوبيا مقدم کي گلگت جي وڏي وزير نوجوانن جي معاملن ۽ وومين ڊولپمينٽ جي وزارت جو قلمدان ڏنو هو.