آزاد واپاري معاهدو: ٽي سئو تيرنهن پاڪستاني شين کي چيني مارڪيٽن تائين ڊيوٽي فري رسائي ملي وئي

news

بيجنگ: آچر 28 اپريل 2019ع: پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻيون آزاد واپاري معاهدو طئه ٿي ويو آهي جنهن جي تحت 313 پاڪستاني شين کي چيني مارڪيٽن تائين ڊيوٽي  فري رسائي ملندي.

واپار واري وزارت جي اختيارين موجب پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻئين آزاد واپاري معاهدي  تي اختيارين صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، معاهدي موجب پاڪستان کي آسيان ملڪ جيان رعايت ملندي، پاڪستان کي 313 شين جي موڪلڻ تي فري ڊيوٽي رسائي ملندي، جنهن سان پاڪستان جون 90 سيڪڙو موڪليل شين جي چين کي ڊيوٽي فري رسائي ممڪن ٿي سگهندي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين 75 سيڪڙو ٽيرف لائنز جي ڊيوٽي  فري رسائي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، پاڪستان جي چين لاءِ برآمدات 5 سالن ۾ ساڍا 6 ارب ڊالر وڌڻ جو امڪان آهي، واپار واري وزارت جي اختيارين چيو ته ڊيوٽي جي ڇوٽ صرف ٽيڪسٽائل شين تائين محدود نه هوندي.

معاهدي موجب ڪيميڪل، انجنيئرنگ، فوڊ آئٽمز جي چين کي برآمد ڊيوٽي فري هوندي، ان کان علاوه فٽ ويئر، پلاسٽڪ جي شين جي برآمد به ڊيوٽي فري هوندي، مقامي صنعتن کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو، آزاد واپاري معاهدي ۾ مقامي صنعت کي تحفظ ڏنو ويو آهي.