گاڏي ۾ پوئين سيٽ تي ويهڻ وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي: تحقيق

news

واشنگٽن: سومر 29 اپريل 2019: هڪ تحقيق موجب گاڏي ۾ اڳين سيٽ جي مقابلي ۾ پوئين سيٽ تي ويٺل ماڻهو حادثي جي زد ۾ وڌيڪ اچي سگهن ٿا.

انشورنس انسٽيٽيوٽ فار هاءِ وي سيفٽي هي تحقيق ڪرائي، جنهن جو ڪارڻ اهو هو ته گاڏين ۾ اڳين سيٽن تي ويٺلن جي حفاظت تي گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪم هلي رهيو آهي.

پر گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويٺلن جي حفاظت جو اهتمام ڪنهن به سطح تي نه ڪيو ويو آهي. اڳين سيٽ تي ويٺل مسافرن جي لاءِ گاڏين ۾ ايئر بيگز لڳايا ويندا آهن.

انهن جي لاءِ خصوصي طور تي تيار ڪيل حفاظتي بيلٽس لڳايا ويندا آهن. پر پوئين سيٽ تي ويٺلن جي لاءِ صرف سيٽ بيلٽ لڳايا ويندا آهن، جيئن ڪنهن حادثي جي صورت ۾ لڳندڙ ڌڪ جي شدت کي گهٽ ڪري سگهجي.