جيڪب آباد ۾ رائل ڪاليج آف سائنس پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب

news

جيڪب آباد: سومر 29 اپريل 2019ع:جيڪب آباد جي خانگي اسڪول رائل ڪاليج آف سائنس پاران امتحانن ۾ سٺا نمبر کڻي پوزيشنون ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوصله افزائي ڪرڻ لاءِ شهر جي جوبلي ميرج هال ۾ هڪ ”سالياني انعام ورهائڻ واري تقريب“ جي نالي سان هڪ رنگا رنگ تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب جي مهمان خاص ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري غزالا ٿهيم جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين سينٽر خالده سومرو، اظهر گل سرڪي، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ايليمنٽري سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري ٺل عزيز بيگم نوناري، ٽي ايم او خانپور سعيد احمد بروهي، رائل ڪاليج آف سائنس جو اڳوڻو چيئرمين ۽ باني هيڊ ماستر گورنمينٽ لوئر مڊل اسڪول حاجي الله رکيو عمراڻي آغا بدر الدين گهنيو، عابد علي منڱريو ۽ ٻيا اعزازي مهمان هئا. تقريب جو آغاز تلاوت قرآن پاڪ کان ڪيو ويو. 

تقريب جي باقائده آغاز بعد مختلف درجي جي ٻارڙن اقصيٰ بيبي، اُم رباب سومرو، شاهه جهان پٺاڻ، دعا بتول، فاطمه بتول، ايمان فاطمه، مقدس چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو، ديهر بتول، بختاور فاطمه، محمد احمد، محمد نعيم، سهيل خان، ذيشان بابا، بختاور مصطفيٰ، مصور مصطفيٰ، محمد منتظم، لاريب پٺاڻ، محمد عمر، ايشل آفتاب ترين، محمد حنيف چانڊيو، خليل الرحمٰن بگٽي، زاهد حسين سرهيو، ابرار سومرو، فيضان راجپوت، هانيه خان، هوريه منڱريو، حفصيٰ منڱريو، خديجه بيبي، آمنه بيبي، نور فاطمه، آغا شيراز، اليان بروهي،فروا بتول، عمران دشتي، منيزا بانو، مونم سڌايو، اصغر دشتي، محمود احمد، محمد حضيفه، رابيعه پلال، محمد باقر، فضا سولنگي، محمد حسن گهنيو، سيف الرحمٰن بروهي، فرقان علي، حسيب الله گهنيو، شگفته جمالي، سميت درجنين ٻارڙن مختلف موضوعن تي ٽيبلوز پيش ڪيا جنهن ۾ ماءُ ۽ پيءُ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سميت مختلف نظمن تي خاڪا پڻ شامل آهن.

ڪلاس پلي گروپ کان ميٽرڪ تائين پنهنجي پنهنجي ڪلاسن ۽ اسڪول ۾ پوزيشين ۾ماڻيندڙ ۾ مٿين مهمانن ۽ چيئرمين رائل ڪاليج آف سائنس زاهد علي مڱريو شيلڊون ۽ ٽرافيون ورهايون جڏهن ته چيئرمين رائل ڪاليج آف سائنس زاهد علي مڱريو پاران سموري مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ شيلڊون پيش ڪيون. ڊي اي او پاران ٻارڙن جي بهترين ڪارڪردگي تي کيس روڪ رقم انعام طور ڏني وئي.

ان موقعي تي آيل مهمانن خطاب ڪندي چيو ته رائل ڪاليج آف سائنس جيڪب آباد ضلع جو واحد خانگي ادارو آهي جنهن جون فيسون تمام گهٽ ۽ سهولتون گهڻيون آهن رائل ڪاليج آف سائنس جي اسٽاف جون ڪيل محنتن سبب ٻارڙن جي واضح ڪارڪردگي نظر اچي رهي آهي اهڙي قسم جون تقريبون ٿيڻ سان ٻارڙن ۾ خود اعتمادي کي هٿي ملندي ۽ رڳو پاس ٿيندڙن ٻارن ۾ ايندڙ سال سٺيون مارڪون کڻي پوزيشن ۾ اچڻ جي چاهه پيدا ٿيندي رائل ڪاليج آف سائنس پاران انتهائي خوبصورت ۽ ڪامياب تقريب ڪرائڻ تي مبارڪون پيش ڪريون ٿا.

ان کان اڳ تعليمي سال 2018-19 ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽيچرن مير علي رضا ٿهيم، مس آصفه ٿهيم، مس دعا لاشاري، مس زهره بتول سرهيو، آغا بهادر خان پٺاڻ، مس فرحين شاهه، مس صابره گولو، مس سنيه منجهو، مس فرحانه بروهي، مس رابعيه چوهاڻ، مس فاطمه مير گولو، مس پارس احسان ٿهيم، مس ماروي نظام منگي سميت ٻين ۾ شيلڊون ورهايون ويون.01