مهمند ۾ بارودي مواد جو ڌماڪو: امن ڪميٽي جو ميمبر مارجي ويو

news

مهمند: (اڱارو 30 اپريل 2019ع) ضلعي مهمند ۾ بارودي مواد جو ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ امن ڪميٽي جو ميمبر عمر سيد مارجي ويو آهي.

پوليس ذريعن موجب ڌماڪو تحصيل امبار جي علائقي سرهه شاهه ۾ ٿيو آهي جتي نامعلوم دهشتگردن امن ڪميٽي جي ميمبر عمر سيد جي گهر ٻاهران بارودي مواد هڻي ڇڏيو هو جيئن ئي عمر سيد گهر کان ٻاهر نڪتو ته بارودي مواد زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ امن ڪميٽي جو ميمبر موقعي تي ئي مارجي ويو.

واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.