سڪرنڊ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين پاران معزور ٻارن جي اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح

news

سڪرنڊ: اڱارو 30 اپريل 2019ع:ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي چيئرمين ۽ درگاھ پير ذاڪري جي سجاده نشين سيد محمد منير شاھ چيو آهي ته اسپيشل ٻارن ۾ پاڪ پروردگار خداداد صلاحيتون رکيون آهن، سندن حوصلو ۽ ڪارڪردگي ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي، اهڙو اظهار هن سڪرنڊ ويجهو درگاھ پير ذاڪري جي اسپيشل ايجويڪيشن اسڪول (معزور ٻارن جو اسڪول) ۾ ڪمپيوٽر ليب جي افتتاح ۽ امتحانن جي سالياني رزلٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ شاگردن ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب ۾ ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته ٻارن جي ڪاميابيءَ مان استادن جي محنت نظر اچي رهي آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي ڳالهائيندي چيو ته اسڪول اچي ٻارن جي ڪارڪردگي ڏسي محسوس ٿي رهيو آهي ته منجهن گهڻو ڪجھ ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، کين سهولتن جي کوٽ آهي، ان شاء الله جلد ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد کي اسڪول جو دورو ڪرائي کانئس مدد ورتي ويندي.

سليم جتوئي پنهنجي طرفان شاگردن کي 5 هزار رپيا انعام ڏنو، اسڪول جي پرنسيپال عبدالحميد بروهي چيو ته فنڊز جي کوٽ سبب پريشان آهيون، ٻن گاڏين جي مينٽينيس ۽ روزاني مختلف ڳوٺن مان ٻارن کي کڻڻ سبب فيول خرچ گهڻو آهي، اسڪول جي بجيٽ وڌائي وڃي ته جيئن اسپيشل ٻارن کي بهتر تعليم ڏئي سگهجي. آخر ۾ پهرين، ٻين ۽ ٽين پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا.

ان موقعي تي سي ڊي ايف جو چيئرمين عبدالحميد آرائين، حيدر انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جو ايم ڊي حيدر خانزاده، استاد محمد نواز خاصخيلي ۽ سڪرنڊ پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري قاضي جاويد سنائي پڻ موجود هئا.01