ترڪي ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي قالين تيار

news

حيدرآباد: اڱارو 30 اپريل 2019ع: ترڪي ۾ خوبصورت خوشبودار گلن سان دنيا جي سڀ کان وڏي ٽيولپ قالين تيار ڪئي وئي، ان جي نمائش ٻه ڏينهن جاري رهندي ۽ ان کي گنيز بڪ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب ترڪي جي شهر استنبول ۾ ڳاڙهي، اڇي، پيلي رنگ جي 6 لک 40 هزار گلن جو استعمال ڪندي 14 سئو اسڪوائر ميٽر ڊگهي خوبصورت ۽ مهڪندڙ قالين تيار ڪئي وئي آهي.

گلن سان مهڪندڙ ان قالين جي نمائش ٻن ڏينهن تائين جاري رهندي جڏهن ته دنيا جي ان سڀ کان وڏي ٽيولپ ڪارپيٽ کي باقاعدا گنيز بڪ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي.