حفيظ شيخ کي برو چوڻ وارن ان کي ئي ناڻي وارو وزير بڻائي ڇڏيو: سراج الحق

news

سوات: اربع 01 مٸي 2019: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته موجوده حڪومت وٽ ڪو به اختيار ناهي. نون مهينن  ڪا به قانونسازي ناهي ڪئي وئي.

پنجن سالن تائين حفيظ شيخ جي خلاف رڙيون ڪندڙن ان کي ئي ناڻي وارو وزير ڪري ڇڏيو.

سوات جي شهر مينگوره ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته موجوده حڪومت مشرف ۽ ٻين حڪومتن جي نقش قدم تي هلي رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا شئي ناهي، قرضن تي قرض ورتا پيا وڃن. جماعت اسلامي جي امير چيو ته ملڪ کي صدارتي نظام نه اسلامي نظام جي ضرورت آهي.

هن چيو ته بدقسمتي سان اڄ به اسان جا ٻار غيرن جي زبان ۾ تعليم حاصل ڪري مجبور آهن.