مسوڀرڳڙي ۾ پرھ ترقياتي تنظيم پاران مزدورن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان تقريب

news

مسوڀرڳڙي: خميس 02 مٸي 2019ع:مسوڀرڳڙي ڀرسان ليگل ايڊ سيوسائٽيءَ ۽ پرھ ترقياتي تنظيم طرفان مزدورن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب جي شروعات مزدور حبيب الله سولنگي کان ڪيڪ ڪٽرائي ڪئي وئي.

ان موقعي سنڌ ھاري پورھيت ڪاميٽي جي اڳواڻ نثار لغاري چيو ته حالتون سنڌ ۾ مزدور لاءِ سازگار ناھن، ھتي پورھيت طبقو پهرين کان وڌيڪَ ڏتڙيل آهي. ھن چيو ته پورھيت کي اجرت 300 رپيا ڏني وڃي ٿي، جيڪا ھن جي گھر ھلائڻ لاءِ ڪافي ناهي.

ان موقعي تي ٻين مقررين به   مزدورن جي اھميت ۽ انھن جي مسئلن بابت خيال جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ تائين مزدور طبقي لاءِ حڪومت پاران ڪا جامع پاليسي نه جوڙي وئي آهي، اڄ به مشڪل سان زندگي گذارڻ تي مجبور آھي، مزدور طبقي کي مھانگائي واري دور ۾ جيڪا اجرت ملڻ گھرجي اھا نه پئي ملي.

جڏهن ته تقريب ۾ ليگل ايڊ سوسائٽيءَ جي ٽيم پرھ ترقياتي تنظيم جي ٽيم صدر رحمت الله سولنگي، يارمحمد نوناري، پير محمد نوناري، عبدالحميد سولنگي، عبدالغني ملاح، عبدالمجيد ملاح، جنيد هليو، دلدار پرھياڙ، امتياز ڪوري، محب لغاري، پير بخش سولنگي ۽ ٻين شڪاگو جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو.01