ڀارت اسرائيل کان وڌيڪ ٻه فالڪن اواڪس جهاز خريد ڪندو

news

نئين دلي: خميس 02 مٸي 2019ع: ڀارت خطي ۾ پنهنجي واڌ پسنداڻا عزم جاري رکندي اسرائيل کان ٻه ٻيا فالڪن ايئربورن وارنگ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جهاز حاصل ڪندو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ميڊيا ڀرتي دفاعي وزارت سيڪيورٽي جي باري ۾ ڪابينا ڪميٽي کي هلندڙ سال فيبروري ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ هوائي جهڙپ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٻه ارب ڊالر ماليت جا ٻه ٻيا اواڪس جهاز خريد ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

پاڪ فضائيه 27 فيبروري تي ڪنٽرول لائن پار جمون ۽ ڪشمير ۾ پاڪستان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڀارتي فضائيه جي ٻن جهازن کي تباهه ۽ هڪ پائليٽ کي گرفتار ڪري ورتو هو.

ڀارتي فضائيه جنهن کي ويڙهاڪ جهازن جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، مئي جي آخر ۾ ملڪ ۾ نئين حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ روس کان تقريبن ساڍا 4 هزار ڪروڙ ماليت جا 21 اپ گريڊڊ مگ 29 ويڙهاڪ جهاز خريد ڪرڻ جو ارادو به رکي ٿي.