لاهور ۾ پوليو جو ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو

news

لاهور: جمعو 03 مٸي 2019ع: لاهور ۾ پوليو جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو. تفصيل موجب لاهور ۾ ٻن ڏينهن دوران پوليو جو ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو آهي جنهن کانپوءِ شهر ۾ پوليو وائرس جو اهو ٽيون ڪيس آهي.

صحت کاتي موجب داتا گنج بخش ٽائون ۾ تيرنهن مهينن جي هڪ نينگري ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.

صحت کاتي جو چوڻ آهي ته متاثر نينگري جي پوليو ويڪسينيشن جي ڪابه هسٽري نه هئي، لاهور ۾ گذريل ٽن مهينن ۾ پوليو جا ٽي ڪيس سامهون اچي ويا آهن، هلندڙ سال دوران پوري ملڪ ۾ رجسٽرڊ پوليو ڪيسز جو گڏيل تعداد ڏهه ٿي ويو آهي.