فاني نالي سامونڊي طوفان ڀارتي رياست اڙيسا سان ٽڪرائجي ويو

news

نئين دلي: جمعو 03 مٸي 2019ع: فاني نالي سامونڊي طوفان ڀارتي رياست اڙيسا سان ٽڪرائجي ويو آهي، سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي ڀارت جي اوڀرين ساحلي علائقن مان گذريل چويهن ڪلاڪن دوران لڳ ڀڳ 12 لک ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب 240 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائن هلڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان دوران ڇهه کان ٻارنهن انچ تائين برسات جو به امڪان آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب 20 سالن ۾ ايندڙ بدترين طوفان کان شهرين کي بچائڻ لاءِ رياستي حڪومتن طرفان هڪ هزار شيلٽر يعني عارضي جايون تيار ڪيون ويون آهن، انهن جي عارضي رهائش ۾ ساحلي علائقن مان ماڻهن کي منتقل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.