ايران سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ بحرين سان بهترين لاڳاپا چاهي ٿو: جواد ظريف

news

تهران: جمعو 03 مٸي 2019ع: ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جو چوڻ آهي ته ايران سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ بحرين سان بهترين لاڳاپا چاهي ٿو.

پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي ايران تي هڪ طرفي پابندين سان جوهري معاهدي کي  خطرو آهي، آمريڪا جون پابنديون کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي سازش آهي، جنهن کي ناڪام بڻائينداسين.

هن واضح ڪيو ته ايران پابندين جي باوجود پنهنجي اتحادين کي تيل جو وڪرو جاري رکندو.