والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي جارحيت سبب وڌيڪ ٻه ڪشميري شهيد

news

سري نگر: جمعو 03 مٸي 2019ع: شوپيان ضلعي ۾ ڀارتي فورسز جي جارحيت سبب وڌيڪ 2 ڪشميري شهيد ٿي ويا.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي شوپيان ۾ سرچ آپريشن دوران ڀارتي فوج هٿان وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا.

شوپيان ضلعي ۾ انٽرنيٽ سروس به معطل ڪئي وئي آهي جڏهن ته آپريشن جي نالي تي گهر گهر  تلاشي اڃان تائين جاري آهي.