جاپان ۾ بليڪ بورڊ تي حيرت جوڳيون پينٽنگز ٺاهڻ جو رجحان

news

ٽوڪيو: جمعو 03 مٸي 2019ع: جاپاني اسڪولن ۾ جڏهن موڪل جي گهنٽي وڄندي آهي ته ٻار ڪجهه دير لاءِ اسڪول ۾ رڪجي ويند آهن ۽ انهن ۾ مصروي جا ماهر ٻاهر گڏجي بليڪ بورڊ تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن ٿا ۽ ٿوري دير ۾ بليڪ بورڊ کي هڪ ڪينوس ۾ تبديل ڪري خوبصورت پينٽنگز ٺاهيندا آهن پر ان جي لاءِ رنگ برنگي چاڪ استعمال ٿيندا آهن.

هاڻ اهو رجحان پوري جاپان ۾ وبا جي صورت ۾ ڦهلجي چڪو آهي ۽ ڪجهه سال اڳ مصوري جي هڪ ٽيچر هيروٽوڪا هاماساڪي جاپان جي علائقي نارا جي هڪ اسڪول ۾ شروع ڪيو هو.

هن چاڪ سان سپر هيرو ڪارٽون ۽ ايمني ٺاهي هئي جنهن پوري دنيا ۾ لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو ان کانپوءِ جاپان ۾ اسڪولن جي بليڪ بورڊ تي طرح طرح جون ڊيزائنون ۽ پينٽنگ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيون.

جڏهن ته ڪجهه استادن شاگردن کي پيچيدا تصويرون ٺاهڻ لاءِ هڪ هفتو يا ان کان وڌيڪ وقت لاءِ به بليڪ بورڊ ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ ٻار خوشي خوشي پنهنجا شاهڪار تخليق ڪندا آهن.