اي سي سي پيٽرول جي قيمت ۾ نو روپيا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

news

اسلام آباد: جمعو 03 مٸي 2019ع: اقتصادي رابطا ڪميٽي پيٽرول جي قيمت 108 روپيا في ليٽر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. رپورٽ موجب ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي.

اي سي سي پيٽرول جي قيمت وڌائي 108 روپيا في ليٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته ڊيزل جي قيمت في ليٽر 4.89 واڌ کي منظور ڪيو ويو آهي.

اوگرام پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ 14 روپين تائين واڌ جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم قيمتن ۾ فوريو اڌ کي ملتوي ڪندي معاملو اي سي سي کي موڪلي ڇڏيو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا  جي تجويز ڪيل قيمتن موجب واڌ نه ٿيڻ تي حڪومت کي پيٽرول جي مد ۾ پنج ارب روپين جو وزن برداشت ڪرڻو پوندو.