نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسينڊرا آرڊن پنهنجي پراڻي دوست سان مڱڻي ڪري ورتي

news

ويلنگٽن: جمعو 03 مٸي 2019ع: نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسينڊرا آرڊن پنهنجي دوست ڪلارڪ گيفورڊ سان مڱڻي ڪري ورتي آهي ۽ ٻئي جلد ئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا.

عالمي خابرو اداري موجب نيوزيلينڊ جي 38 ورهين جي وزيراعظم جيسينڊرا آرڊن پنهنجي 41 ورهين جي دوست ڪلارڪ گيفورڊ سان ڊگهي دوستي کانپوءِ مڱڻي ڪري ورتي آهي ۽ ايسٽر جي موڪلن کانپوءِ ٻئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا جڏهن ته اڃان شادي جي تاريخ مقرر نه ڪئي وئي آهي.

جيسنڊرا آرڊن ۽ سندس دوست ڪلارڪ ڊگهي عرصي کان هڪ ٻئي سان گڏ رهي رهيا آهن ۽ ٻنهي ڪڏهن پنهنجي ان رشتي کي نه لڪايو، ان ئي دوران ڌيءَ جي ولادت به ٿي جنهن تي ٻنهي ڌيءُ کي پنهنجي رشتي ۾ مضبوط جو موجب قرار ڏنو.

وزيراعظم جيسينڊرا آرڊن جو مڱيندو ڪلارڪ گيفورڊ شوبز سان تعلق رکي ٿو ۽ هڪ چينل ۾ شو به ڪندو آهي جڏهن ته ڌيءَ جي پيدائش کانپوءِ هو گهر تي ٻارڙي جي پرورش جون ذميواريون ادا ڪري ر هيو آهي ۽ هڪ ذميوار پيءُ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.