قنديل بلوچ قتل ڪيس جو اهم جوابدار سعودي عرب مان گرفتار…

news

ملتان:(ڇنڇر 4 مئي 2019ع) ماڊل قنديل بلوچ جي قاتل سان مسلسل رابطي ۾ رهندڙ مقتوله جو ڀاءُ عارف سعوي عرب مان گرفتار ڪيو ويو آهي. اها گرفتاري انٽرپول ذريعي عمل ۾ آندي وئي آهي.

تڪراري وڊيوز ذريعي شهرت ماڻڻ بعد قتل ٿيندڙ ماڊل قنديل بلوچ جي ڀاءُ عارف کي انٽرپول ذريعي سعودي عرب مان گرفتار ڪيو ويو آهي. مشهور وڪيل نگهت داد سوشل ميڊيا تي جمعي جي ڏينهن ٻڌايو ته جوابدار عارف قنديل بلوچ جي قتل ڪيس ۾ گهربل آهي ۽ ٽن سالن کان گرفتاري کان بچي رهيو آهي. ان کي هاڻ انٽرپول ذريعي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار قنديل جي ڀاءُ وسيم کي قنديل کي قتل ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو هو.  ملتان پوليس موجب قنديل بلوچ جي ڀاءَ ۽ قتل ڪيس جي جوابدار عارف کي سعودي عرب جي شهر جده مان انٽرپول جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس ۽ جاچ ادارن موجب مقتولا جي ڀاءَ عارف تي الزام آهي ته قتل وقت هو مک جوابدار وسيم سان فون تي رابطي ۾ هو. جاچ ادارن کي ان ڳالهه جا ثبوت ۽ شاهديون وسيم جي موبائيل فون جي فرانزڪ رپورٽ مان مليا هئا. مقامي ميڊيا جي ذريعن موجب قنديل بلوچ جي امڙ انور بي بي جو چوڻ آهي ته پٽ عارف بي ڏوهي آهي ۽ مفتي عبدالقوي قتل ڪيس ۾ پنهنجن پٽن کي ڦاسايو آهي. قنديل بلوچ جي امڙ جو چوڻ هو ته اسان کي خبر ناهي ته عارف کي گرفتاري کان پوءِ ڪٿي رکيو ويو آهي؟ جڏهن ته هن تصديق ڪئي ته سعودي عرب مان  عارف کي گرفتار ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن.

واضح رهي ته سماجي رابطن واري ويب سائيٽن تي پنهنجي تڪراري وڊيوز سبب شهرت ماڻيندڙ قنديل بلوچ کي 16 جولائي 2016ع جي رات ملتان جي علائقي مظفر آباد ۾ قتل ڪيو ويو هو. مقتولا جو ڀاءَ عارف قتل ڪيس ۾ نامزد آهي. جڏهن ته پوليس عارف کي  گرفتار ڪرڻ لاءِ انٽرپول کان مدد گهري هئي. جڏهن ته هن ڪيس ۾ پوليس مشهور عالم دين مفتي عبدالقوي کي به جاچ ۾ شامل ڪيو هو.