ٽنڊوڄام جي ڪميونٽي بيسڊ ھاءِ اسڪول ۾ ايوارڊ ورھائڻ واري سالياني تقريب

news

ٽنڊوڄام: ڇنڇر 04 مٸي 2019ع:ڪميونٽي بيسڊ ھاءِ اسڪول ٽنڊوڄام جي ايوارڊ ورھائڻ واري سالياني تقريب منعقد ڪئي وئي.

جنھن ۾ ٽنڊوڄام پريس ڪلب جي صدر اورنگزيب ڀٽو، عبدالحق گاڏاھي، اسڪول جي پرنسپال فرحان سومرو، مشتاق سولنگي، جميل رتڙ، سينئر صحافي علي محمد جمالي، محمد اختر آرائين، ڪامران خاصخيلي، غلام رسول  ٿھيم، غلام حسين، عبدالجبار رتڙ ۽ ٻين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورھايا.

ان موقعي تي اورنگزيب ڀٽو، عبدالحق گاڏاھي ۽ ٻين چيو ته تعليم سان ئي ترقي ممڪن آھي، تنھنڪري اسان سڀني کي گڏجي پنھنجن علائقن ۾ تعليم جي بھتري لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون.

ھنن چيو ته ھن تقريب ۾ جن شاگردن ۽ شاگردياڻين محنت ڪري پوزيشن حاصل ڪئي آھي، اھي مبارڪباد جا مستحق، جڏھن جيڪي ٻار پوزيشن حاصل نه ڪري سگھيا آھن، اھي مايوس ٿيڻ بدران اڃا وڌيڪ محنت ڪن ته ايندڙ سال پوزيشن حاصل ڪري سگھن.

تقريب کي اسڪول جي پرنسپال فرحان سومرو خطاب ڪندي چيو ته ڪميونٽي بيسڊ اسڪول ٽنڊوڄام جو واحد اسڪول آھي، جيڪو ڪميونٽي جي تعاون سان تمام گھٽ فيس تي ٻارن کي معياري تعليم فراھم ڪري رھيو آهي ۽ ھن اسڪول جي تمام آمدني علائقي جي غريب ٻارن جي مفت تعليم تي خرچ ڪئي پئي وڃي. تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا.01