مدئجي ۾ مسئلن جي حل لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي

news

مدئجي: ڇنڇر 04 مٸي 2019ع:مدئجي شهر جي مسئلن جي حل لاءِ جي ڊي اي جي سڏ تي سيد بودلو شاهه جي اوطاق تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هندو پئنچات، عوامي اتحاد، پ پ شهيد ڀٽو، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، قومي عوامي تحريڪ، ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن سيد امتياز شاهه، مکي ڊاڪٽر راجڪمار، ميرحسام الدين، سيد انيس ڪاظمي، نياز بروهي، مظهر ابڙو، حاجي شفيع بروهي، ظهير جوڻيجو، امداد بروهي ۽ مور مگسي سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اي پي سي کي خطاب ڪندي مختلف اڳواڻن چيو ته مدئجي شهر جوا، منشيات، بدامني، توڙي سماجي براين جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي، جن جي حل لاءِ ڀرپور مزاحمتي تحريڪ شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هنن وڌيڪ چيوته ڪجهه وقت اڳ شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو اڻڄاتل هٿياربندن مشهور ڊاڪٽر پرڀ داس جي ڪلينڪ تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، جن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس پاران جوابدار گرفتار نه ڪرڻ تي شريف ڊاڪٽر تحفظ نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي شهر مان لڏي ويو آهي، جنهن بعد آل پارٽيز ۾ شامل اڳواڻن پاران شهر جي مسئلن جي حل لاءِ شهري ايڪشن ڪاميٽي ٺاهي ويندي، جيڪا هر مسئلي جي حل لاءِ تحريڪ هلائيندي، ان دوران گڏيل طور شهري ايڪشن ڪاميٽي لاءِ رابيل عباسي ۽ نياز بروهي سميت چار رڪني آرگنائيزنگ ڪاميٽي ٺاهي وئي.

آل پارٽيز ڪانفرنس جي ختم ٿيڻ بعد سمورن اڳواڻن مدئجي ٿاڻي تي پهچي شهر مان لڏي ويل ڊاڪٽر واري مامري لاءِ مدئجي ٿاڻِي تي پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جنهن دوران ايس ايڇ او مدئجي ڊاڪٽر تي حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت گهري جنهن تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن چيوته پوليس ٽن ڏينهن اندر جوابدار گرفتار نه ڪيا ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.01