لاڙڪاڻي ۾ ايڊز جي شڪار ماڻهن جو تعداد هڪ سئو ستونجاهه تائين پهچي ويو

news

لاڙڪاڻو: آچر 05 مٸي 2019ع: لاڙڪاڻي ۾ 9 ڏينهن دوران ايڊ جي شڪار ماڻهن جو تعداد 157 تائين پهچي وئي آهي.

رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز ڪيسز جي حوالي سان سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام رپورٽ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏي آهي، رتوديرو جي ڏورانهين ڳوٺن ۾ ايڊز جي اسڪريننگ جو عمل جاري آهي، ذريعن موجب 9 ڏينهن دوران 4102 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي جن مان 127 ٻارن ۽ 30 وڏن ماڻهن ۾ ايڊز جي تصديق ٿي آهي.

سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام 29 نوان ڪيس رجسٽرد ڪرائي ورتا آهن، ايڊز جي نون رجسٽرڊ مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو.

ذريعن موجب سنڌ جي صحت کاتي 3 رڪني خاص ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اهو خاص ڪميٽي جاچ لاءِ قائم جي آءِ ٽي جي معاونت ڪندي جڏهن ته ڪميٽي ۾ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، ايس آءِ يو ٽي جا ماهر به شامل آهن.

خاص ڪميٽي لاڙڪاڻو، رتوديرو جي ڳوٺن جو دورو ڪندي ۽ واقي جي مرڪزي ڪردار ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو کان پڇا ڳاڇا به ڪندي جنهن کانپوءِ ڪميٽي سنڌ جي صحت کاتي کي رپورٽ پيش ڪندي.