اڏيرو لال اسٽيشن ۾ شهرين پاران پي ٽي سي ايل انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو

news

اڏيرو لال اسٽيشن: اڏيرو لال اسٽيشن جي سياسي سماجي ۽ شهرين اعجاز چنا، عبدالخالق حاجاڻو، عامر ساهووال، عبدالرزاق ڪنڀار، ڌنراج، آسن ڀيل، غلام علي گانگهلو، غفار ساهووال ۽ بين پريس ڪلب اڳيان پي ٽي سي ايل انتظاميا مٽياري جي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعري بازي ڪندي الزام هنيو آهي ته ٻن هفتن کان اسان جي شهر ۾ لڳل پي ٽي سي ايل جا فون بند آهن، جڏهن ته اسان مٽياري جي پي ٽي سي ايل جي آفيسرن اعجاز ڏاهري کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن، جڏهن ته اسان جي ڪاروبار کي ڪاپاري نقصان پهچي رهيو آهي.

هنن چيو ته مٽياري پي ٽي سي ايل انتظاميا فون چيڪ ڪرڻ لاءِ لائين مين کي موڪلڻ بدران آفيس ۾ ويٺل مالهي اسد مقبول کي شهر ۾ فون چيڪ ڪرڻ موڪليندو آهي، جنهن کي ڪابه ڄاڻ ناهي.

هنن چيو ته فون بند هجڻ ڪري اسان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته مٽياري ضلعي جي پي ٽي سي ايل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي شهر ۾ لڳل پي ٽي سي ايل جا فون جلد بحال ڪيا وڃن.01