حيدرآباد انتظاميه جي نااهلي سبب قدم گاهه مولا علي عه وارو رستو تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳو

news

حيدرآباد: آچر 05 مٸي 2019ع: حيدرآباد ۾ انتظاميه جي نااهلي سبب اسٽيشن روڊ تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳو. رپورٽ موجب حيدرآباد شهر جي انتظاميه خاص طور تي واسا جي نااهلي سبب اسٽيشن روڊ گذريل ٻن ڏينهن کان تلاءَ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي.

حيدرآباد جي اختيارين جي ڪن لاٽار سبب مقدس جاين جي بي حرمتي ٿي  رهي آهي اڄ پاڪستاني حڪومت پوليو مهم کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ سيمينار ۽ مسجدن ماڻهن کي آگاهه ڏئي رهي آهي ۽ ٻارن جي صحت لاءِ مختلف پروگرام ٺاهي رهي جڏهن ته ٻئي طرف حيدرآباد جون اختياريون ڳچ آبادين وارن علائقن ۾ ٻارن، عورتن ۽ ٻين ماڻهن لاءِ ڊرينيج  جي پاڻي کي ڪڍڻ بدران ماڻهن کي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

حيدرآباد جي انتظاميه ۽ واسا جي نااهلي سبب قدم گاهه مولا علي جي رستو هينئر تلاءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ۽ قدم گاهه مولا علي جي گذرگاهه وٽ گندو پاڻي بيهجي ويو آهي جنهن سبب شهرين کي اچ وڃ ۾ انتهائي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ان موقعي تي زيارت لاءِ ايندڙ ماڻهن ۽ شهرين جو چوڻ هو هتي ٻن ڏينهن کان رستي تي پاڻي بيٺل آهي جنهن جي ڪري اسڪول ويندڙ ٻارڙن ۽ زيارت لاءِ ايندڙ ماڻهن کي انتهائي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.