ڪنڌڪوٽ ۾ قلم ڌڻين پاران صحافي علي شير راڄپر جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڪنڌڪوٽ: آچر 05 مٸي 2019ع:پڊ عيدن جي  پريس ڪلب تي اڻڄاتل ھٿياربندن پاران حملو ڪري صحافي علي شير راڄپر مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي صدر مسعود عالم سومرو جي اڳواڻي ۾ صحافين لياقت علي کوسو، غالب بلوچ، غلام ياسين لاشاري، حفيظ ملڪ، نظير ميراڻي، ممتاز سنڌي، نصير منگي، دلبر بنگوار، حضور بخش منگي، فخر نصيراڻي، واحد بجاراڻي، غفار منگي، اڪبر بنگوار، عمران کوسو، عبداللطيف ميرالي ۽ ٻن صحافين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي صحافين چيو ته سنڌ ۾ صحافين سان زيادتيون ۽ ھنن کي بي گناھ قتل ڪرڻ جي واقعن جي مذمت ڪجي ٿي.

ھنن چيو ته پڊعيدن جي سينيئر صحافي علي شير راڄپر جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ صحافي جي خاندان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پوري پاڪستان ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.01