مسوڀرڳڙي ۾ قلم ڌڻين پاران صحافي علي شير جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

news

مسوڀرڳڙي: آچر 05 مٸي 2019ع:پريس ڪلب مسوڀرڳڙي علي رضا چنڊ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي ته احتجاج ۾ سينيئر صحافي غلام قادر وسير، عاشق ترڪ، صحافي محمد بخش وگهيو، غلام مصطفيٰ بروهي، گل محمد وگهيو زاهد ملاح، محبوب خاصخيلي، امجد وگهيو، سول سوسائٽي اڳواڻ دليپ ڪمار، منيروگهيو، محمد جمن ترڪ، ٽناء الله ترڪ، حميد خاصخيلي، اعجاز جويو ۽ ٻيا موجود هئا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صحافي پريس ڪلب مسوڀرڳڙي صدر غلام قادر وسير، صحافي عاشق ترڪ، محمد بخش وگهيو، گل محمد وگهيو، غلام مصطفيٰ بروهي، امجد وگهيو، نور ترڪ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو صحافي جي قتل جو نوٽيس وٺي صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسان واقعي جي  مذمت ڪريون ٿا.

هنن چيو ته پڊعيدن جي قلم ڌڻي علي شير راڄپر جو قتل کلي دهشتگردي آهي. هنن چيو ته اسان 3 مئي تي صحافت جو عالمي ڏينهن ملهايو ته گذريل ڏينهن اسان کي نوجوان صحافي جو لاش مليو آهي.

هنن وفاقي سڌ سماء جي وزير، سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي ته فوري طور بهادر قلم ڌڻي علي شير راڄپر جي قتل جو نوٽيس وٺي قاتل کي گرفتار ڪيو وڃي.01