وياگرا جي استعمال سان هارٽ اٽيڪ کان بچي سگهجي ٿو: ماهر

news

لنڊن: سومر 06 مٸي 2019ع: برطانوي سائنسدانن نئين تحقيق ۾ جنسي طاقت جي گوري وياگرا جو هڪ حيران ڪندڙ فائدو ڳولي ورتو آهي. .

رپورٽ موجب يونيورسٽي آف مانچسٽر جي سائنسدانن جاچ نتيجن ۾ ٻڌايو آهي ته وياگرا جو استعمال مردن کي هارٽ اٽيڪ کان بچائي سگهي ٿو، ان تحقي ۾ سائنسدانن شوگر جي 6 هزار مريضن تي تجربا ڪيا جن کي شوگر سبب پيش ايندڙ جنسي ڪمزوري ختم ڪرڻ لاءِ وياگرا تجويز ڪئي وئي هئي.

انهن مريضن تي تجربن ۾ خبر پئي ته وياگرا جي استعمال سان سندن تي جا وال نرم ۽ ويڪرا ٿي ويا هئا جنهن سان انهن جي جنسي عضوي کان علاوه پوري جسم ۾ رت جو وهڪرو بهتر ٿي ويو هو.

جاچ ٽيم جي سربراهه پرويفيسر اينڊريو ٽيريفر ڊڊل جو چوڻ هو ته وياگرا ۾ پي ڊي اي 5 آئي نالي هڪ عنصر ملي ٿو، جيڪو رت جي وريدن جي سختي کي ختم ڪندو آهي ۽ انهن کي ويڪرو ڪندو آهي، اهو جزو دل جي خلين کي به نقصان کان بچائيندو آهي.