سجاول ۾ روينيو ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

news

سجاول: سومر 06 مٸي 2019ع:آل سنڌ روينيو ايمپلائيز ايسوسيئيشن سجاول طرفان شبير جعفراڻي، اقبال اڄڻ، ڪامران وڳڻ، يوسف، اسماعيل مگسي، محبوب چاڙو، اصغر ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس  اڳيان مطالبن جي مڃتا لاءِ آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي روينيو ملازمن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان ٻين سرڪاري کاتن جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل، روينيو الائونس، يوٽلٽي بل اپ گريڊيشن سميت ٻيون مراعتون ڏنيون ويون آھن پر روينيو ملازم انهن کان محروم آهن.

هنن چيو ته اسان جا جائز مطالبا مڃي ملازمن ۾ پکڙيل احساس محرومي کي ختم ڪئي وڃي. ھنن وزير اعليٰ چيف سيڪريٽري  سنڌ ۽ روينيو وزير کان مطالبو ڪيو ته اسان ٽائيم اسڪيل يوٽلٽي بل ۽ اپ گريڊيشن سميت سموريون مراعتون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.01