شيخ ڀرڪيو ۾ ايس ٽي پي پاران بدامني جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو

news

شيخ ڀرڪيو: سومر 06 مٸي 2019ع:شيخ ڀرڪيو ۽ ڀرپاسي ۾ چورين ۽ ڦرن تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، ٻه ڏينهن اڳ ڏينهن ڏٺي جو شيخ ڀرڪيو جي وچ شهر مان اڻڄاتل چور دين محمد ٿهيم جي موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا، ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ٽنڊو محمد جي رابطا سيڪريٽري اورنگزيب شيخ، يوسي صدر ناٿو ڀيل، گل حسن سولنگي، نواب بلاول ٿهيم، اختيار شيخ، محمود قمبراڻي، امير بخش ٿهيم، رجب سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين جي هٿن ۾ جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ هئا. پلي ڪارڊن تي پوليس خلاف نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شيخ ڀرڪيو پوليس، مافيا ۽ پاٿاريدارن جي اسٽيٽ بڻجي ويو آهي، جتي ڪجهه بااثر پنهنجي مرضي هلائيندي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حدن اندر ڦرون ۽ دڪانن جون چوريون ته اڳ ۾ ئي عام هيون پر هاڻي ڏينهن ڏٺي جو وچ بازارن مان موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ بدامني جي آخري حد آهي، جنهن ۾ ڪجهه پوليس اهلڪار ملوث هجڻ جو شڪ آهي، جن خلاف اڳي به بااختيارين کي درخواستون موڪليل آهن پر اهي علائقي جا ڪرتا ڌرتا آهي ۽ انهن پٺيان بدامني پکيڙيندڙ ڪجهه بااثرن جو هٿ آهي. تنهن ڪري انهن خلاف ڪوبه قانوني قدم نٿو کنيو وڃي.

هنن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي پارٽي پاران شيخ ڀرڪيو ۾ احتجاج ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ڦرن، چورين ۽ سماجي براين تي ڪنٽرول نه ڪري انهن ڪمن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانوني قدم نه کنيو ويو ته پريس ڪلب حيدرآباد، اي آءِ جي حيدرآباد، ڊي آءِ جي حيدرآباد جي آفيسن آڏو ڌرڻا هنيا ويندا.01