انسٽاگرام رمضان ڪئميرا افيڪٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو

news

نيويارڪ: اڱارو 07 مٸي 2019ع: سماجي رابطن ۽ فوٽو شيئرنگ جي ويب سائيٽ انسٽاگارم واهپيدارن کي متاثر ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو رمضان افيڪٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو.

فيس بڪ جي ملڪيت هيٺ فوٽو شيئرنگ ويب سائيٽ انسٽاگرام واهپيدارن کي متاثر ڪرڻ لاءِ نوان نوان فيچرز متعارف ڪرائيندي آهي ته جيئن انٽرنيٽ جي دنيا ۾ راڄ کي برقرار رکي سگهي.

انسٽاگرام ڪجهه مهينا اڳ پنهنجي پليٽفارم کي بهتر بڻائڻ ۽ صحت مند تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف قدم کنيا ۽ فيچرز به متعارف ڪرايا هاڻ انسٽاگرام پهريون ڀيرو رمضان ڪيميرا افيڪٽ فيچر متعارف ڪرايو آهي.

ان مهم لاءِ انسٽاگرام پهريون ڀيرو رمضان ڪيميرا افيڪٽ لينٽرن جي نالي سان متعارف ڪرايو آهي ته جئين واهپيدار رمضان جي تجربي کي منفرد انداز سان پنهنجن پيارن سان شيئر ڪري سگهن.

انسٽاگرام طرفان جاري بيان موجب هن مقدس مهيني ۾ ڪوبه سٺو ڪم جهڙو پنهنجي دوست يا مائٽن جي پوسٽس تي مثبت ڪمينٽ ڪري ڇڏڻ، پنهنجن دوستن ۽ گهر وارن کي سحري يا افطاري جي موقعي تي شڪريو ادا ڪرڻ، ڪو سٺو ڪم ڪري ان کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ شامل آهي ته جئين ٻين واهپيدارن ۾ به اهڙي طرح جي ڪمن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي.