چين پاڪستان ۾ ٿيندڙ غير قانوني شادين جي اسمگلنگ تي خبردار ڪري ڇڏيو

news

بيجنگ: اڱارو 07 مٸي 2019ع: چين پاڪستان ۾ ٿيندڙ غير قانوني شادين ۽ پاڪستاني نارين جي اسمگلنگ تي خبردار ڪري ڇڏيو، چين پاڪستان ۽ چين جي شهرين کي رشتا ڪرائيندڙ غير قانوني ادارن کان هوشيار رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته چيني قانون اهڙيون پرڏيهي رشتا ڪرائيندڙ ايجنسيون قائم ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي، عوام دوکي وارين شادين کان پاسو ڪري.

چين غير قانوني رشتو ڪرائڻ جي ڪاروبار جي حوالي سان پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعوان ڪري رهيو آهي.

گذريل مهيني خبرون گرم هيون ته اهي غير قانوني ادارا پاڪستاني عورتن کي شادي جي نالي تي اسمگل ڪري رهيا آهن جتي انهن کي جسم فروشي تي مجبور ڪيو ويندو آهي.