ورلڊ ڪپ لاءِ افغانستان ٽيم جي وردي جي مهورت

news

ڪابل: (اربع 8 مئي 2019ع) ورلڊ ڪپ 2019ع لاءِ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران رانديگرن جي جرسي جي مهورتي تقريب ٿي گذري.

افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيشل اڪائونٽ ذريعي افغان ٽيم جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019ع جي وردي جون تصويرون جاري ڪيون ويون جنهن ۾ افغان جهنڊي جو رنگ نمايان آهي. افغان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان رانديگرن جي جرسي کان علاوه ٽريننگ ڪٽ ۽ متبادل جرسي جون تصويرون به جاري ڪيون ويون آهن.

ياد رهي ته هنيئر تائين عالمي ڪپ 2019ع لاءِ آسٽريليا، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي ٽيمن جون جرسيون منظرعام تي اچي چڪيون آهن. انگلينڊ ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي باظابطا شروعات ميزبان انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ 30 مئي کان کيڏي ويندڙ ميچ کان ٿيندي.