سپر هيرو فلم اسپائيڊر مين فار فرام هوم جو نئون ٽريلر جاري

news

نيويارڪ: اربع 08 مٸي 2019ع: هالي ووڊ جي سائنس فڪشن سپر هيرو فلم اسپائيڊر مين فار فرام هوم جو نئون  ٽريلر جاري ڪيو ويو جيڪا 2 جولاءِ تي سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

ميڊيا رپورٽ موجب هدايتڪار جان واٽس جي سپر هيرو فينٽيسي فلم جي ڪهاڻي پيٽر پارڪر نالي اهڙي نوجوان جي چوڌاري گهمي رهي آهي جيڪو غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ هوندو آهي ۽ ڪوريئڙي جيان ڄار وسيلي مٿانهين عمارتن تي سيڪنڊن ۾ چڙهي ويندو آهي.

فلم جي ڪاسٽ ۾ ٽام هالينڊ، مائيڪل ڪيٽن، سيموئل ايل جيڪسن، ميريسا ٽومي، ڊونلڊ گروور، مارٽن اسٽار، زينڊايا، ٽوني ريولوري ۽ ٻيا اداڪار شامل آهن.