ميڪسيڪو ۾ انوکي جنگ: ڪيترائي شهري بندوقون کڻي ميدان ۾ لهي پيا

news

ميڪسيڪو: اربع 08 مٸي 2019ع: مسڪسيڪو ۾ انوکو جنگ جو ميدان سجي ويو آهي جنهن ۾ ڪيترائي شهري  فوجين جو روپ اختيار ڪري هڪ ٻئي سان وڙهندي ڏسڻ ۾ آيا، نقلي هٿيارن سان هڪ ٻئي تي چڱي فائرنگ ڪئي ۽ گولا وسايا.

ميڊيا رپورٽ موجب مئي 1862ع ۾ وڙهي ويندڙ جنگ ۾ فرانس جي  فوج کي شڪست ڏيڻ جي خوشي ۾ ميڪسيڪو جي ماڻهن ان ڏينهن جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ اها انوکي ويڙهه وڙهي ۽ سپاهين جي وردي پائي ننڍڙن رانديڪن وارين توپن سان گولا وسائيندي ۽ رانديڪن واريون بندوقون هلائيندي نظر آيا.

مقامي ماڻهن ان جنگ ۾ وڏي تعداد ۾ حصو ورتو ۽ فرانس خلاف يادگار فتح جو ڀرپور جشن ملهايو.