ٿيليسيميا کان آگاهي بابت عالمي ڏينهن: بلوچستان ۾ هر سال ٻه هزار ڪيس رپورٽ

news

ڪوئيٽا: اربع 08 مٸي 2019ع: بولان ميڊيڪل ڪامپليڪس جي شعبي هيماٽالوجي جي پروفيسر نديم صمد موجب بلوچستان ۾ هر سال ٿيليسيميا جا 2 هزار نوان ڪيس سامهون اچي رهيا آهن ۽ صوبي جي هر ضلعي ۾ ٿيليسيميا ڪيئر سينٽر نه هجڻ سبب ڏکيائيون وڌي رهيون آهن.

صوبي ۾ ٿيليسيميا جي وڌندڙ ڪيسن سبب هڪ خاندان جا چار ماڻهو به ان بيماري ۾ ورتل آهن. ڪوئيٽا جي وچ علائقي جناح روڊ تي واقع ٿيليسميا ڪيئر سينٽر ۾ موجود 18 ورهين جي نوجوان عطاءُالله ٻڌايو ته اسان 12 ڀيڻ ڀائر آهيون جن مان 4 کي ٿيليسميا جو مسئلو آهي، ان مرض جو شڪار هڪ ڀاءُ ۽ 3 ڀينرون مون کان ننڍيون آهن.

عطاءُ الله ٻڌايو ته منهنجي والد جو ننڍو ڪاروبار آهي ٿيليسيميا جي مرض سبب تقريبن هر مهيني ڀينرن ۽ ڀائرن کي رت چاڙهڻو پوندو آهي ڪڏهن ته رت جو بندوبست ٿي ويندو آهي ۽ ڪڏهن تمام گهڻي ڏکيائي ٿي ويندي آهي. نوجوان موجب ڊاڪٽر تازو رت گهرائيندا آهن جنهن سبب ڏکيائيون پيش اينديون آهن.