ورلڊ ڪپ کان اڳ افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارتي اسپانسرشپ ملي وئي

news

ڪابل: خميس 09 مٸي 2019ع: مالي پريشانين ۾ ورتل افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ورلڊ ڪپ کان اڳ ڀارتي امداد ملي وئي.

افغانستان جي خابرو اداري موجب افغانستان ڪريڪٽ  ٽيم کي اسپانسر جي ڳولا هئي، ڀارتي نجي ڪمپني امول افغانستان جي ٽيم کي اسپانسر ڪندي، مينيجنگ ڊائريڪٽر آر ايس سوڍي جو چوڻ آهي ته افغانستان جي مالي مدد ڪئي ويندي.

مينيجنگ ڊائريڪٽر آر ايس سوڍي جو چوڻ هو ته اسان طرفان پهريون ڀيرو ڪنهن ڪرڪيٽ تيم کي اسپانسر ڪيو پيو وڃي، ڪمپني جو لوگو افغان ٽيم جي جرسي  تي نظر ايندو.

ٻئي طرف چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ اسد الله خان جو چوڻ هو ته ڪرڪيٽ اسان جي ملڪ جي مقبول ترين راند آهي هر ڪو هتي ڪرڪيٽ سان محبت ڪري ٿو، اهو امن طرف هڪ اشارو آهي، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ حڪومت اسان جي مدد ڪري رهي آهي، اهو سٺو موقعو آهي ان سان ملڪ ۾ امن جي فضا قائم ٿيندي.