ورزش ۽ فٽنيس جو ڪينسر کان بچاءُ ۾ اهم ترين ڪردار

news

نيويارڪ: خميس 09 مٸي 2019ع: طبي ماهرن نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته باقاعدا ورزش سان انسان ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هجڻ جا امڪان گهٽ ٿي ويندا آهن ۽ ٿيڻ جي صورت ۾ بيماري سان وڙهن ۽ زندا رهڻ جو ڪاٿو به وڌي ويندو آهي.

ماهرن ڦڦڙن ۽ آنڊن جي ڪينسر وچ ۾ تحقيق مان نتيجو ڪڍيو آهي ته جسماني طور تي صحت مند ماڻهن ۾ پهريان ته ڪينسر جو خدشو گهٽ ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن طرح مرض جا شڪار ٿي وڃو ته جلد صحتياب ٿيڻ جو اماڪن ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ هوندو آهي.

تحقيق دوران سروي ۾ 49 هزار کان وڌيڪ مريضن جي ڊيٽا حاصل ڪئي وئي جيڪا 1991ع کان 2009ع وچ ۾ ورزش، اسٽريس ۽ فٽنيس جي ڪيترين ئي ٽيسٽن مان گذريا هئا، ان گروپ ۾ 46 سيڪڙو عورتون، 64 سيڪڙو اڇي نسل، 29 سيڪڙو ڪاري نسل ۽ هڪ سيڪڙو هسپانوي شامل هئا.

سروي سان لاڳاپيل ڪينسر جي ماهر جو چوڻ آهي ته ورزش ۽ دل جي بيمارين ۾ گهٽتائي وچ ۾ گهرو تعلق هٿ ٿي چڪو آهي پر هينئر تائين فٽنيس، ورزش ۽ ڪينسر وچ ۾ تعلق هٿ نه ڪيو ويو هو.