گمبٽ ۾ هٿياربندن جي هندو واپاري جي گهر مان ڦر

news

گمبٽ: خميس 09 مٸي 2019: گمبٽ ۾ ڏينھن ڏٺي جو ھٿياربندن جي ھندو واپاري جي گھر تي ڪاهه، گھر ڀاتي يرغمال، ڦورو گھر ڀاتين کي ير غمال بڻائي سونا زيور ڦر ڪري فرار.

گمبٽ جي واپاري انيل ڪمار جي گھر تي نامعلوم ھٿيار بندن ڏينھن ڏٺي جو ڪاهه ڪري عورتن کي ير غمال بڻائي سونا زيور جن ۾ چوڙيون ۽ لاڪٽ يرغمال بڻائي زبردستي لاٿا جنھن تي عورتن رڙيون دانھون ڪوڪون ڪيون پاڙيوارا عورتن جي دانھن تي پھتا ته ڦورو ڪارروائي ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. تنھن کان پوءِ گمبٽ پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري ھند پھڇي گھر ڌڻين کان تفصيل ورتا.

ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي واپاري انيل ڪمار ٻڌايو ته اسان پنھنجو ڪاروباري مرڪز تي وياسين پويان ڦورو اسان جي گھر ۾ گھڙي ڏينھن ڏٺي جو منھنجي امڙ کي ير غمال بڻائي سونا زيور ڦر ڪيا اسان جي گھر ۾ موجود عورتن جي رڙين دانھن تي پاڙيوارا پھتا ته ڦورو فرار ٿي ويا ھن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ٿيل ڏوھ واپس ڪرائي اسان اقليتن کي تحفظ ڏنو وڃي .