ميون جو بادشاهه انب ايڪسپورٽ لاءِ تيار

news

ڪراچي: جمعو 10 مٸي 2019ع: گرمي شروع ٿي پنهني جوبن تائين پهچي وڃي ۽ ميون جو بادشاهه انب مارڪيٽ ۾ نظر نه اچي اهو ڀلا ڪيئن ممڪن آهي؟ هلندڙ سيزن ۾ سنڌ جي باغن ۾ ميون جي بادشاهه انب جا ڪيترائي قسم پچي تيار ٿي چڪا آهن جڏهن ته پنجاب جي باغن ۾ به انب جا ڪيترائي قسم برداشت لاءِ تيار آهن.

هن ڀيري موسمياتي  تبديلي سبب اميد جي خلاف انب پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ گهٽ نظر اچي رهيا آهن پر ان جي باوجود برآمد ڪندڙ ميون جي بادشاهه کي برآمد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي چڪا آهن.

آل پاڪستان ايڪسپورٽرز ايسوسئيشن موجب هلندڙ سيزن ۾ ميون جي بادشاهه انب جي برآمد جي شروعات 20 مئي کان ٿيندي.