آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڪرپشن الزامن تي سريلنڪا جي ٻن ڪرڪيٽرن کي معطل ڪري ڇڏيو

news

دبئي: جمعو 10 مٸي 2019ع: آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڪرپشن الزامن تي سريلنڪا جي 2 ڪرڪيٽرن کي معطل ڪري 14 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڪرڪيٽ ڪرپشن ۾ الزامن تي سريلنڪا جي 2 رانديگرن نوان زوئيسا ۽ اويشڪا گوناورڌني کي معطل ڪري 14 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

نوان زوئيسا ۽ اويشا گوناورڌني تي ڊسمبر ۾ يو اي اي ۾ کيڏي ويل ٽي ٽين ڪرڪيٽ ليگ ۾ ايمريٽس ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن قانونن جي ڀڃڪڙي جو الزام آهي، کاٻي هٿ جي فاسٽ بالر 40 سالن جي نوان زوئيسا ڪوڊ جي چار شقن ۽ گونا وردني کي ٻن شقن جي ڀڃڪڙي جو ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.